سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 33 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو

ڪراچي :سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 33 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، 22 سئو 87 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صوبي ۾ وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 57 هزار 868 ٿي ويو، ڪراچي ۾ 14 سئو 36، حيدرآباد ۾ 85، گهوٽڪي ۾ 72، بدين ۾ 40، لاڙڪاڻو ۾ 33، ڄامشورو ۾ 32، شڪارپور ۾ 21، نوشهروفيروز ۾ 18، سانگهڙ ۽ دادو ۾ 15-15 نوان ڪيس ظاهر، مٽياري ۽ ڪشمور ۾ وڌيڪ 11-11 شهري وائرس جو شڪار ٿي ويا، ميرپور خاص ۾ 9، جيڪب آباد ۾ 8، قمبر 7، ٺٽو ۾ 4، ٽنڊو الهار ۽ عمر ڪوٽ ۾ وڌيڪ 3-3 ڄڻا ڪورونا جو شڪار، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا جا انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته احتياطي اپاءَ نه وٺڻ ۽ لاپرواهي سبب ڪورونا جا ڪيسز وڌي رهيا آهن، عوام کي وڌ کان وڌ احتياط ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔