اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 924 پوائنٽن جو اضافو

ڪراچي : پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج اڄ ڪاروباري هفتي جي مثبت شروعات ڪئي آهي.اسٽاڪ مارڪيٽ جو 100 انڊيڪس 924 پوائنٽن جي واڌ سان 1 لک 18 هزار 511 جي سطح تي پهچي ويو.انڊيڪس هن وقت تائين ڪاروبار دوران 118 هزار 735 پوائنٽس جي بلند ترين سطح کي به ڇهيو،گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انڊيڪس 117,586 پوائنٽس تي بند ٿيو.ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر 4 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 4 پئسا مهانگو ٿي 278 رپيا 60 پئسا ٿي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 56 پيسا تي هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔