ڪراچي: ٻن مذهبي پارٽين جا 6 هنڌن تي ڌرڻا جاري، ٽريفڪ جي روانگي متاثر

ڪراچي: ڪراچي ۾ اڄ ٻن مذهبي پارٽين طرفان 6 مختلف هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويا آهن، جنهن جي ڪري ڪيترن ئي روڊن تي ٽريفڪ جي روانگي سخت متاثر ٿي رهي آهي.

ٽريفڪ پوليس موجب هڪ مذهبي پارٽي 4 هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويا آهن، جن ۾ ابوالحسن اصفهاني روڊ، عباس ٽائون، ڪامران چورنگي، نمائش چورنگي ۽ واٽر پمپ انچولي شامل آهن.

ٻئي مذهبي پارٽي 2 هنڌن گلبائي پراچه چوڪ ۽ شاهراهه اورنگي ٽائون پوڻا پنج نمبر تي ڌرڻا هنيا ويا آهن. ٽريفڪ پوليس موجب ڌرڻن جي هنڌن تي روڊن جو هڪ ٽريڪ مڪمل طور تي بند آهي جڏهن ته ٻئي ٽريڪ تي ٽريفڪ کي روان دوان رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

صبح جي وقت ٿڌ سبب گڏيل طور تي شهر ۾ ٽريفڪ معمول کان گهٽ نظر آئي. ڌرڻن سبب اهڙن علائقن جي چوڌاري ڪيترائي روڊ بند ٿي چڪا آهن متبادل رستن تي به ٽريفڪ جي روانگي ۾ پريشانيون پيش اچي رهيون آهن. ڌرڻن سبب اهڙن علائقن جي چوڌاري ڪيترائي روڊ بند ٿي چڪا آهن، متبادل رستن تي به ٽريفڪ جي روانگي ۾ پريشانيون پيش اچي رهيون آهن.

پوليس طرفان ڪريڪ ڊائون کان پوءِ ڪيترن ئي هنڌن تي ڌرڻن کي ختم ڪيو ويو آهي پر ڌرڻن جي متاثر علائقن ۾ اڃان تائين ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي رهي آهي.

مسافرن کي درخواست ڪئي وئي آهي ته هو صبر جو مظاهرو ڪن ۽ احتجاجي علائقن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن جيڪڏهن انتهائي ضروري وڃڻو آهي ته متبادل رستي جي چونڊ ڪن ته جيئن پريشاني کان بچي سگهجي. وڌيڪ اڳواڻي جي لاءِ ٽريفڪ هيلپ لائن 1915 تي رابطو ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔