ابو ظهبي : گڏيل عرب امارتن ۾ راس الخيمه سمنڊ ڀرسان جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ پاڪستاني عورت پائلٽ ۽ مسافر ڀارتي نوجوان فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب آچر ڏينهن هڪ ننڍو جهاز، جنهن ۾ رڳو پائلٽ ۽ هڪ ڀارتي مسلمان نوجوان سوار هئا، راس الخيمه جي سمنڊ ڀرسان ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي فوت ٿي ويا.
جهاز جي پائلٽ جي سڃاڻپ 26 ورهين جي پاڪستاني عورت ۽ نوجوان جي سڃاڻپ 26 ورهين جي سليمان الماجد طور ٿي.
فوتي نوجوان جي والدين جو واسطو ڀارت سان آهي، جيڪي گڏيل عرب امارتن ۾ اچي آباد ٿيا هئا ۽ سليمان الماجد اتي ئي ڄائو هو، هو پيشي جي لحاظ سان ڊاڪٽر هو.
فوتي ڊاڪٽر جي پيءُ صحافين کي ٻڌايو ته پٽ تفريح لاءِ ننڍو جهاز هائير ڪيو هو، آچر ڏينهن منجهند ٻي وڳي جهاز اڏام ڪئي هئي ۽ سمنڊ ڀرسان ڪري تباهه ٿي ويو.
يو اي اي جي جنرل سول ايوي ايشن اٿارٽي حادثي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ جاري آهي.