ڪراچي :ڪراچي جي مصروف ترين روڊ شارع فيصل کي مڪمل طور تي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو.ٽريفڪ پوليس موجب ناٿا خان پل ۽ ملير 15 شارع فيصل تي مذهبي جماعتن جو ڌرڻو ختم ٿي ويو.شارع فيصل جي ٻنهي پاسن جا رستا 26 ڊسمبر کان بند پيل هئا جن کي کوليو ويو.مختلف شهرن ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروايون، 5 جوابدار گرفتار ڪيو ويو،اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) مختلف شهرن ۾ منشيات فروشن خلاف 8 ڪارروايون ڪري 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو،اي اين ايف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪارروائين ۾ 1 ڪروڙ 61 لک کان وڌيڪ ماليت جي 1478.494 ڪلوگرام منشيات پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.ترجمان موجب فيصل آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي بحرين ويندڙ مسافر جي بيگ مان 498 گرام هيروئن هٿ ڪئي وئي.اي اين ايف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي علائقي پشين جي سرانان جبل واري علائقي مان 1452 ڪلو چرس هٿ ڪئي وئي، ڪوئيٽا ويسٽ بائي پاس تي ڪزي چوڪ وٽ هڪ گاڏي مان 20 ڪلو چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.رنگ روڊ پشاور ويجهو جوابدار جي بيگ مان سولر پمپ ۾ لڪايل 4.8 ڪلو چرس ۽ لاهور ۾ ڪارگو آفيس مان اسلام آباد کان ڪراچي موڪليل پارسل مان 61 گرام ڪوڪين هٿ ڪئي وئي.لاهور ۾ ڪوريئر آفيس تي ٻن ڪاررواين ۾ پارسلن مان 620 ايڪسٽيسي گوليون هٿ ڪيون ويون، لاهور ۾ هٿ آيل پارسل لڪي مروت کان بهاولپور ۽ لاهور موڪليا ويندا هئا.اسلام آباد ۾ ٽيپو سلطان روڊ وٽ 2 موٽرسائيڪل سوارن وٽان 610 گرام چرس هٿ ڪئي وئي،اي اين ايف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن خلاف اينٽي نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.