ڊي آئي خان : خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڊيرا ٽانڪ روڊ تي پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز جي گڏيل پوسٽ تي آپگهاتي حملي ۾ 4 سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا.رپورٽ موجب ڪالاچي تحصيل ۾ ڪنواري پوسٽ کي گاڏي ۾ سوار آپگهاتي بمبار نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي پوسٽ کي سخت نقصان پهتو.ذريعن جو چوڻ آهي ته آپگهاتي بمبار جي پويان هٿياربند رڪشا ۾ اچي رهيا هئا، جن سڪيورٽي پوسٽ تي فائرنگ پڻ ڪئي، پر سڪيورٽي اهلڪارن جي موثر جوابي ڪارروائي سبب دهشتگرد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.ذريعن جو چوڻ آهي ته آپگهاتي بمبار پاران استعمال ڪيل گاڏي گهڻو ڪري خيبرپختونخواهه حڪومت جي ڪميونيڪيشن اينڊ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي هئي.هن چيو ته دهشتگردن 10 ڊسمبر تي سرڪاري گاڏي چوري ڪئي هئي.ٻئي طرف حملي کانپوءِ هٽالا، ڪلاچي، ڊيرا اسماعيل خان ۽ ٽانڪ مان پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي.زخمي سڪيورٽي اهلڪارن کي طبي امداد لاءِ ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال (سي ايم ايڇ) ڊيرا اسماعيل خان منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز حملي آورن جي گرفتاري لاءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪيو.