ملڪ ۾ ٿڌ جي شدت برقرار، اسڪردو ۾ پارو ڪاٽو 13 ڊگري تائين پهچي ويو

اسڪردو:  ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٿڌ جي شدت برقرار آهي، اسڪردو ۾ گذريل ڏينهن کان برفباري جوسلسلو جاري آهي جنهن سبب پارو ڪاٽو 13 ڊگري سينٽي گريڊ تائين ڪري پيو انهي سان گڏ اسڪردو ملڪ جو ٿڌو ترين علائقو رهيو.

برفباري سبب استور جي مٿانهين علائقن جو زميني رابطو به ڪاٽا ٿي ويو آهي. ٻئي طرف آزاد ڪشمير جي وادي نيلم ۾ برفباري کان پوءِ سياحن جي آمد جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته بلوچستان جي اترين ضلعن ۾ به شديد  ٿڌ پئجي رهي آهي.

موسميات کاتي موجب ڪوئٽه ۽ زيارت ۾ گرمي پد ڪاٽو 6 ڊگري تائين رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻئي طرف پنجاب ۾ هر طرف ڪوهيڙي جو راج برقرار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔