دعا ليپا ڪيلم ٽرنر کي شادي لاءِ ها ڪري ڇڏي

نيويارڪ : برطانوي ڳائڻي دعا ليپا پنهنجي بواءِ فرينڊ برطانوي اداڪار ڪالم ٽرنر کي ها ڪري ڇڏيو،پرڏيهي ميڊيا موجب 34 سالن جي ڪيلم ٽرنر 29 ورهين جي دعا ليپا کي ڪرسمس جي موقعي تي پرپوز ڪيو، جنهن تي هوءَ راضي ٿي وئي،ميڊيا رپورٽن موجب ٻنهي شخصيتن پاران نئين سال جي موقعي تي پنهنجي گهروارن ۽ دوستن لاءِ تقريب منعقد ڪرڻ جو امڪان آهي،گذريل مهيني جي شروعات ۾، دعا ليپا ۽ ڪالم ٽرنر پڻ هندستان ۾ گڏ هئا،ميڊيا رپورٽن موجب برطانوي ڳائڻي دعا ليپا 30 نومبر تي ممبئي ۾ هڪ ڪنسرٽ ۾ پرفارم ڪرڻ لاءِ ڀارت پهتي،پرڏيهي ميڊيا موجب دعا ليپا ۽ ڪالم ٽرنر جي وچ ۾ پهرين ملاقات جون افواهون جنوري ۾ ان وقت سامهون آيون هيون جڏهن انهن کي لنڊن ۾ هڪ پارٽي ۾ گڏ ڏٺو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔