ريڊلائن هن وقت اسان لاءِ شرمندگي جو سبب آهي:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ريڊ لائين هن وقت اسان جي حڪومت لاءِ شرمندگي آهي، ٽرانس ڪراچي هڪ خودمختيار ڪمپني آهي. مان هن بورڊ جو ميمبر آهيان. ريڊ لائن اسان جي حڪومت لاءِ هن وقت شرمندگي آهي. مون ان ڳالهه کي ڪيترائي ڀيرا بورڊ جي اجلاسن ۾ شيئر ڪيو،هن چيو ته شهر ۾ پاڻي جي کوٽ آهي پر هڪ جماعت جا ماڻهو روڊن تي پاڻي ضايع ڪري رهيا آهن. سياسي پارٽي جي ماڻهن منهنجي آفيس جو پاڻي ڪنيڪشن ڪٽي ڇڏيو. ڪينجهر مان ڪراچي کي فراهم ٿيندڙ پاڻي لامحدود ناهي. ڪراچي جي گهرج 1100 ملين گيلن آهي. اسان کي رڳو 525 ملين گيلن پاڻي ملي ٿو. پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائيندس ته ٽينڪر ڪنهن جي دور ۾ آيا. هن چيو ته هن شهر جي حقن ۽ بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. شهر جو هر روڊ ڪي ايم سي جو ناهي. ڪراچي ۾ 106 وڏا روڊ آهن. اسان سنڌ جي وڏي وزير کي درخواست ڪئي آهي ته 106 روڊن جي تعمير لاءِ فنڊ گهربل آهن. ڪي ايم سي يونيورسٽي روڊ کانسواءِ 80 سيڪڙو روڊن تي ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔