ملڪ دشمنن جو خواب پورو ڪندڙن کي سزائون ڏنيون ويون، منصوبو ٺاهيندڙ به بچي نه سگهندا: عطاءُالله تارڙ

اسلام آباد: اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته اڄ فوجي عدالتن مان ملڪ دشمنن جو خواب پورو ڪندڙ ڏوهارين کي سزائون ڏنيون ويون، 9 مئي جا منصوبا تيار ڪندڙن کي به سزائون ملڻ گهرجن.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي عطاءُالله تارڙ چيو ته اڄ سزا ماڻيندڙن ۾ اهي به شامل آهن جنهن ڪور ڪمانڊر جي گهر ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي، جنهن وردي جي بي حرمتي ڪئي هئي، جنهن اهلڪارن تي تشدد ڪيو هو، جنهن گيٽ کي ٽوڙيو هو، جنهن ٽي وي کي ٽوڙيو هو، اهي سڀ اهي ماڻهو آهن جنهن ملڪ دشمنن جي خواب کي پورو ڪيو هو.

هن چيو ته 2 سالن تائين  ڪيس هلائڻ دوران انصاف جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون ويون، هاڻ ڪوبه شخص اها جرئت نه ڪندو ته هو دفاعي ٺڪاڻن تي حملو ڪري، هنن اهڙا خواب پورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي اسان جي دشمنن ڏٺا آهن.

وفاقي وزير چيو ته فوجي عدالتن مان سمورن جوابدارن کي فيئر ٽرائل جو حق ڏنو ويو، وڪيل ڏنو ويو، گهر ڀاتين تائين پهچ ڏني وئي، ڪوبه شخص ڪورٽ جي سامهون موجود نه آهي ته انهي جو ٽرائل  نٿو ڪري سگهجي، سزا ماڻيندڙن وٽ اڃان اپيل جا 2 حق آهن.

هن چيو ته ڏوهه ايترو وڏو هو جو لڪي نٿو سگهجي، انهي کان ڀڄي نٿو سگهجي، سمورا فوٽيجز موجود آهن ته ڪير ڇا ڪندو رهيو. عطاءُالله تارڙ چيو ته اڄ پاڪستان ۽ ملڪ جي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ وڏو ڏينهن آهي. جيڪي ماڻهو ملڪي دفاع جي لاءِ خطرو بڻيا، اڄ انهن کي سزائون ٻڌايون ويون آهن، انهي سان گڏوگڏ اهڙا منصوبا تيار ڪندڙن کي به سزائون ٻڌائڻ گهرجن.

وفاقي وزير چيو ته اهڙن سمورن ڏوهارين جي فون جي لوڪيشن موقعي تي موجودگي جون تصويرون، سڀ ڪجهه موجود آهي، اهڙين سزائن کان پوءِ هاڻ ڪير به همت نه ڪندو ته آئينده اهڙي حرڪت ڪري، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته 9 مئي جو منصوبو تيار ڪندڙن کي به ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.  

عطاءُالله تارڙ چيو ته نه صرف وڊيو شاهديون پر ٽيڪنيڪي شاهديون به موجود آهن هي اهي ماڻهو هئا جن ملڪ دشمنن جي خواب کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اڄ جي سزائن کان پوءِ انشاءَالله پاڪستان اڳيان وڌندو. هن وڌيڪ چيو ته اڄ ته پي ٽي آءِ باني به اهو چئي ڇڏيو آهي ته پاڪستان جي معيشت بهتر ٿي آهي، هاڻ اڳيان باقي ڇا رهجي ويو؟ پاڪستان جي معاشي ترقي جي انهي کان وڏي ٻئي ڪهڙي گواهي ٿي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔