پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي سينيٽ چونڊن جو معاملو جلد حل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

پشاور: پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي سينيٽ چونڊن جي معاملي کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

خيبرپختونخواهه ۾ سينيٽ چونڊون ڪرائڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم ۽ جسٽس وقار احمد ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته گذريل ٻڌڻي تي چونڊن جي تاريخ لاءِ اليڪشن ڪميشن وقت گهريو هو جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته معاملي تي اليڪشن ڪميشن ڪنهن حد تائين غور ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن بابت گڏجاڻيون به ڪيون آهن.

چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ چيو ته اوهان کي اسان 2 هفتن جو وقت ڏيون ٿا جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته وڌيڪ وقت ڏيو، ٿي سگهي ٿو ته سپريم ڪورٽ به  ڪو فيصلو ڪري.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته هي چونڊون نه ڪرائيندا، نه ئي ڪرائڻ چاهين ٿا، جنهن تي چيف جسٽس وقار احمد چيو ته پهريان اوهان نٿي ڪرائڻ چاهيون، هاڻ اليڪشن ڪميشن نٿو ڪرائڻ چاهي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته اسان کي وڌيڪ وقت ڏنو وڃي ڪوشش ڪنداسين ته معاملي کي حل ڪريون، پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي سينيٽ چونڊن جي معاملي کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔