راولپنڊي : جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي حملي ڪيس ۾ 2 ڏوهارين کي 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو.فوجي عدالتن 9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي سزائون ڏنيون آهن. ڏوهارين کي 2 کان 10 سال قيد ۽ سخت پورهئي جي سزا ڏني ويندي آهي.ذريعن موجب جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ 10 ۽ 10 سال قيد جي سزا ٻڌايل 2 ڏوهارين کي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جن ڏوهارين کي اڊيالا جيل پهچايو ويو انهن ۾ راجا محمد احسان ۽ عمر فاروق شامل آهن.