خالد سومرو قتل ڪيس ۾ جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

سکر: دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي يو آءِ (ف) اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي سمورن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبدالرحمان قاضي خالد محمود سومرو جي قتل ڪيس جو مختصر فيصلو ٻڌايو، عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 6 جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي،جي يو آءِ اڳواڻ خالد محمود سومرو کي 29 نومبر 2014ع تي سکر ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو،دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي 450 کان وڌيڪ ٻڌڻيون ٿيون،ڪيس ۾ 17 شاهد پيش ٿيا، سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 13 ڊسمبر تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو، ڪيس جي فيصلي جي موقعي تي سينٽرل جيل سکر ۾ قائم خاص عدالت ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔