ڪراچي: سنڌ حڪومت شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 27 ڊسمبر جمعي جي ڏينهن صوبي ۾ عام موڪل هوندي. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پيپلز پارٽي جي اهتمام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون جنهن ۾ پيپلز پارٽي جا مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻ خطاب ڪندا.
تقريبن ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ملڪ، قوم ۽ جمهوريت لاءِ پيش ڪيل قربانين تي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو. ياد رهي ته شهيد بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007ع تي انهي وقت شهيد ڪيو ويو جڏهن اها لياقت باغ راولپنڊي ۾ هڪ عوامي جلسي سان خطاب کان پوءِ پنهنجي گاڏي ۾ اسلام آباد وڃي رهي هئي.