گيس واهپيدارن لاءِ بُري خبر

اسلام آباد : آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) هلندڙ مالي سال لاءِ گيس جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
پڌرائيءَ موجب سوئي ناردرن لاءِ گيس جي قيمت ۾ 8.71 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته سوئي سدرن لاءِ گيس جي قيمت ۾ 25.78 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اوگرا گيس جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو وفاقي حڪومت ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي ۽ حتمي فيصلو وفاقي حڪومت جي مشوري سان ڪيو ويندو.
اوگرا موجب سوئي ناردرن لاءِ گيس جي سراسري قيمت 1778 رپيا 35 پيسا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
اهڙي ريت سوئي سدرن لاءِ گيس جي سراسري قيمت 1762 رپيا 51 پيسا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔