عمران خان مون کي چور چوندو هو اڄ پاڻ اڊيالا جيل ۾ عبرت جو نشان بڻجي ويٺل آهي: احسن اقبال

نارووال: منصوبه بندي ۽ ترقي واري کاتي جي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان مون کي چور چوندو هو اڄ اهو پاڻ اڊيالا جيل ۾ عبرت جو نشان بڻجي ويٺل آهي.

نارووال ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته مون سوشل ميڊيا تي پيغام ڏنو هو ته مون کي عمران خان چور چيو، جيڪڏهن مون هن ملڪ کي لٽيو ته رب پاڪ مون کي تباهه برباد ڪري جيڪڏهن الزام ڪوڙو آهي ته انهي کي عبرت جو نشانو بڻائي. جنهن ڪوڙو الزام لڳايو. اڄ مون کي يقين آهي ته عمران خان اڊيالا جيل ۾ موجود آهي کيس عبرت جو نشان بڻايو ويو آهي ڇو ته عمران خان  هر ڪنهن جي بيعزتي ڪندو آهي ۽ ڪوڙا الزام لڳائيندو آهي.

احسن اقبال چيو ته مان پي ٽي آءِ وارن کان پڇڻ چاهيان ٿو ته عمران خان اوهان جو اڳواڻ آهي چار سال اڇي ڪاري مالڪ بڻيل رهيو، انهي دوران هن ڪابه هڪ يونيورسٽي ٺاهي هجي ته انهي جو نالو ٻڌايو، ڪا نئين اسپتال،  يا نوان موٽر وي؟ ڪو منصوبو؟ نه! هن صرف لنگر خانا کوليا، عمران خان سڄي ملڪ ۾ جيڪي 29 لنگر خانا کوليا انهن جو خرچ حڪومت برداشت نه ڪندي هئي، سيلاني فائونڊيشن برداشت ڪندي هئي، جيڪا ڪراچي جي سماجي تنظيم آهي خرچو سماجي تنظيم جو هو جڏهن ته حڪومت ٺپو پنهنجو لڳائيندي هئي.

هن چيو ته ناروال علم ورهائڻ وارو ضلعو بڻجي ويو آهي. ٻين شهرن کان ماڻهو هتي ايندا آهن، هتي اسپتال بهترين آهي ۽ هاڻ ميڊيڪل ڪاليج بڻجي ويو آهي، ايندڙ سال هتي زراعت جو ڪاليج به قائم ڪيو پيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔