حيدرآباد: حيدرآباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌو درياءَ تي ڪئنال ڪڍڻ سنڌ جي ماڻهن کي جيئرو قتل ڪرڻ جي برابر آهي.
حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرس ڪندي ايس ٽي پي چئيرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌو درياءَ تي 6 واهه کوٽڻ سنڌ جي ماڻهن کي جيئرو قتل ڪرڻ جي برابر آهي، پيپلز پارٽي هميشه پنهنجي مفاد لاءِ سياست ڪئي آهي ۽ هاڻي اهي سنڌ جا وسيلا وڪرو ڪري سنڌ جي عوام جو معاشي قتل ڪري رهيا آهن.
ايس ٽي پي چئيرمين چيو ته وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جي عوام ۽ قومپرست تنظيمون سنڌ کي بچائڻ لاءِ متحد ٿين سنڌ جي عوام تي جڏهن به مشڪل وقت آيو آهي ته اهي پنهنجي حقن لاءِ بهادري سان وڙهندا آهن
سنڌ جي وسيلن کي وڪڻڻ خلاف اسان جي جدوجهد جو شروعاتي مرحلو هلي رهيو آهي هن چيو ته هر پارٽي پنهنجي پنهنجي پليٽ فارم تان هن مسئلي لاءِ سنڌ جي عوام کي جاڳائڻ گهرجي.