اسلام آباد: ايشيائي ترقياتي بينڪ(اي ڊي بي) پاڪستان کي 8 ڪروڙ 62 لک ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب رقم پاڪستان کي ترقياتي قرض جي مد ۾ ڏني ويندي، رقم ايوي ايشن فيول جا ذخيرا مستحڪم بنائڻ جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي، شيخوپوره ۾ ايوي ايشن فيول جو نجي ذخيرو قائم ڪيو ويندو.
پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته رقم انفراسٽرڪچر قرض جي سلسلي ۾ ڪلائميٽ سپورٽ جي تحت فراهم ڪئي ويندي، ياد رهي ته 3 مهينا اڳ به ايشيائي ترقياتي بينڪ جي صدر مساستسو گواسا ڪاوا پاڪستان لاءِ 2 ارب ڊالرز جي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. اي ڊي پي جي صدر اهو اعلان صدر آصف علي زرداري سان ملاقات جي دوران ڪيو هو.