عام طور تي چيلهه جي عارضي ۽ اڌ رنگ يا دماغي رڳن جي بلاڪيج جي مرض ۾ مريض گهمڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ويندا آهن، ملڪ ۾ هزارين ماڻهو هن وقت به هوندا جيڪي گهمڻ ڦرڻ کان عازت بڻيل کٽ تي پيل مجبورن واري زندگي گذاري رهيا هوندا.
دماغي رڳن جي بلاڪيج ۽ اڌ رنگ جي مرض جي علاج لاءِ ڪيتريون ئي ايجادون ۽ سهولتون ڏينهون اينديون پيون وڃن جنهن جي ڪري کٽ تي پيل گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ماڻهن جي لاچاري ۾ گهٽتائي آندي وڃي ٿي پر هن وقت تائين انهن کي مڪمل طور صحتياب ڪري ٻيهر گهمڻ ڦرڻ جهڙو ڪو علاج نه نڪري سگهيو هو پر جديديت ۽ هٿرادو ذهانت هاڻي اهو ناممڪن ڪم به ممڪن ڪري اهڙي مرض جي لاعلاج ڪهاڻي کي ماضي ڪري ڇڏيو.
انساني صحت جي ميدان ۾ هڪ انقلابي اڳڀرائي ٿي آهي، ماهرن هٿرادو ذهانت تي ٻڌل هڪ اهڙي دوائيس تيار ڪئي آهي جنهن جو بنيادي مقصد دماغي سگنلز کي رڪارڊ ڪري، انهن کي اهڙين حرڪتن ۾ تبديل ڪرڻ آهي جيڪي جسم جي متاثر ٿيل حصن کي ٻيهر ڪم ڪار ڪرڻ جهڙو بڻائي سگهن. هي ٽيڪنالاجي انهن مريضن لاءِ اميدن جو نئون ڏيئون آهي جيڪي چيلهه جي هڏي ۽ دماغي رڳن ۾ بلاڪيج جي ڪري معذور ٿي ويندا آهن.
ڊوائيس جو ڪم دماغي سگنلن کي پڙهڻ ۽ انهن کي پروسيس ڪرڻ آهي. مريض جي دماغ ۾ لڳايل خاص سنسرز نروس سسٽم مان نڪرندڙ سگنلن کي رڪارڊ ڪن ٿا. هٿرادو ذهانت انهن سگنلن کي سمجهي، انهن کي اهڙن آرڊرن ۾ تبديل ڪري ٿو جيڪي جسماني عضون کي حرڪت ڪرڻ ۾ مدد ڏين. اهو عمل دماغ ۽ متاثر ٿيل عضون جي وچ ۾ ٽٽل رابطي کي ٻيهر بحال ڪري ٿو..
هي ڊوائيس معذور ماڻهن لاءِ زندگي ۾ ٻيهر خودمختياري واپس آڻڻ ۾ وڏي مدد ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن ڪو مريض گهمڻ ڦرڻ کان لاچار آهي ۽ پنھنجون ٽنگون به چوري پوري نٿو سگهي، اها ڊوائيس اهڙي مريض کي ٻيهر ڀڄڻ ڊڪڻ جهڙو بڻائي سگهي ٿي، اها ڊوائيس نه رڳو جسماني عضوي کي بحال ڪندي پر ذهني حالت ۾ نمايان سڌارا آڻي سگهي ٿي.
ماهرن جو خيال آهي ته اها ڊوائيس نه رڳو پيرالائيز مريضن لاءِ مددگار ثابت ٿيندي پر اڳتي هلي نيورولاجيڪل بيمارين جهڙوڪ پارڪن سنز، ملٽيپل اسڪليروسز وغيره لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿي.
اها ٽيڪنالاجي انقلابي هئڻ جي باوجود ان تي لڳندڙ خرچن کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ڇو ته هر مريض ان ڊوائيس جا ڳرا خرچ برداشت نٿو ڪري سگهي، تنهن هوندي به وقت سان گڏوگڏ جڏهن هيءَ ٽيڪنالاجي عام ٿيندي ان جي اگهه ۾ گهٽتائي اچي ٿي ۽ اها هر مريض لاءِ مهيا ڪري سگهجي ٿي.