جي سيون ملڪن پاران غزه منصوبي جي حمايت جو ورجاءُ

اوٽاوا : جي سيون ملڪن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه منصوبي جي حمايت کي ٻيهر ورجايو،جي سيون پرڏيهي وزيرن ڪينيڊا ۾ ملاقات ڪئي ته جيئن غزه جي صورتحال، يوڪرين-روس جنگ ۽ ٻين معاملن تي بحث ڪيو وڃي.اجلاس کان پوءِ هڪ گڏيل بيان ۾، G7 پرڏيهي وزيرن اسرائيلي يرغمالين جي باقيات جي فوري طور تي واپسي جو مطالبو ڪيو.پرڏيهي وزيرن غزه تائين امداد پهچائڻ ۾ رڪاوٽن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سڀني ڌرين تي زور ڏنو ته اهي غزه تائين وڏي پيماني تي انساني امداد بغير ڪنهن رڪاوٽ جي پهچائين.G7 پرڏيهي وزيرن يوڪرين جي توانائي جي بنيادي ڍانچي تي روس جي حملن جي مذمت ڪئي ۽ يوڪرين ۽ روس جي وچ ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو.برطانيه اعلان ڪيو ته هو يوڪرين کي روسي حملي سان تباهه ٿيل بجلي، پاڻي ۽ ٻين توانائي جي بنيادي ڍانچي کي بحال ڪرڻ ۾ مدد لاءِ 17 ملين ڊالر فراهم ڪندو.

تبصرے بند ہیں۔