اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران غير قانوني افغانين جي موجودگي جون شاهديون سامهون اچي ويون آهن جن کي پئسا ڏئي احتجاج ۾ شرانگيزي جي لاءِ آندو ويو هو.
گرفتار غيرقانوني افغان بيت الله چيو ته منهنجو تعلق افغانستان سان آهي اسان جا ماڻهو پوليس ۽ رينجرز جي اهلڪارن تي فائرنگ ڪري رهيا هئا.
گرفتار ڪيل ابرارالحق ٻڌايو ته منهنجو تعلق افغانستان سان آهي، علي امين گنڊاپور 2 کان 3 هزار جي لالچ ڏئي اسان کي هتي آڻي فائرنگ ڪرائي، اسان جي ڪيل فائرنگ سبب اسلام آباد پوليس جا اهلڪار زخمي به ٿيا، منهنجي ڊيوٽي هڪ گاڏي سان گڏ هئي جنهن ۾ هٿيار پهچايا پئي ويا.
امان خان نالي افغاني چيو ته منهنجو تعلق افغانستان جي صوبي قنڌار سان آهي، مون پاڻ پنهنجي اکين سان ڏٺو ته پي ٽي آءِ جا ڪارڪن فائرنگ ڪري رهيا هئا.
پرويز خان موجب اسان کي 2 هزار روپيه ڏئي هتي آڻڻ کان پوءِ قيادت پاڻ فرار ٿي وئي، يا الله اسان کي پردي ۾ رک، مان غريب ۽ عاجز آهيان. فضل حق ٻڌايو ته منهنجو تعلق افغانستان جي صوبي قندوز سان آهي، منهنجي ڊيوٽي هڪ گاڏي سان هئي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جا ڪارڪن هٿيار کڻي وڃي رهيا هئا، انهي گاڏي مان 25 کان 30 ڪلاشنڪوفون ماڻهن ۾ ورهايون ويون.