ڪراچي: سنڌ جي راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته سنڌ حڪومت چيمپئنز ٽرافي کان اڳ نيشنل گيمز ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪراچي ۾ جونيئر سنڌ پريميئر ليگ ڊرافٽ جي تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ سنڌ جي راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار محمد بخش مهر چيو ته سنڌ حڪومت چيمپئنز ٽرافي کان اڳ نيشنل گيمز ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، نيشنل گيمز ڪراچي ۾ ٿينديون. سندس چوڻ هو ته نيشنل گيمز جا انتظام مڪمل ڪري رهيا آهن، بهترين طريقي سان نيشنل گيمز جي ميزباني ڪندا، سنڌ جي ايٿليٽس ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندا. سنڌ جي راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو ته جونيئر پريميئر ليگ هڪ بهترين ايونٽ آهي، نوجوان رانديگرن لاءِ هي هڪ بهترين پليٽ فارم آهي، ٽورنامينٽ لاءِ ٻارن جا فيئر ٽرائلز ٿا، سنڌ جي ٻارن کي اهميت ڏني ويندي، هن ٽورنامينٽ سان بهترين ٽيلينٽ ملندو.