ڪيف: روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته جيڪڏهن يوڪرين کي ايٽمي هٿيار ڏنا ويا ته هو سمورا فوجي وسيلا استعمال ڪندو،پنهنجي هڪ بيان ۾ روسي صدر چيو آهي ته هو يوڪرين جي هر قدم جي نگراني ڪندا، روس هر جارحيت جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي،هن چيو ته جيئن مون بار بار چيو آهي ته اسان جي پاسي کان هميشه جواب ايندو،ان کان اڳ ڪالهه، يوڪرين جي صدر زيلنسڪي چيو ته روس ڪلستر گولا بارود سان توانائي تنصيب کي نشانو بڻايو آهي،هن چيو ته روس ميزائل حملن ۾ سول انفراسٽرڪچر کي به نشانو بڻايو آهي، يوڪرين کي وڌيڪ دفاعي نظام جي ضرورت آهي.