سعودي ۾ دنيا جي ڊگهي ترين بنا ڊرائيور ميٽرو ٽرين سسٽم تي ڪم شروع

رياض : سعودي عرب دنيا جي ڊگهي ترين ڊرائيور ليس ميٽرو سسٽم شروع ڪرڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي. پرڏيهي ميڊيا موجب، سعودي عرب رياض ميٽرو سسٽم جو اِهو منصوبو 22 ڏهائي 5 ارب آمريڪي ڊالرز کان شروع ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي جنهن کي دنيا جي سڀ کان ڊگهي ڊرائيور ليس ميٽرو سسٽم بڻائڻ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي. 27 نومبر تي ڄاڻايل ميٽرو سروس جي ڪجهه حصي جو افتتاح ٿيو، پهرئين مرحلي ۾ ٽن لائينز جو آپريشن ڏٺو ويندو ۽ باقي لائينز تي ڊسمبر جي وچ ڌاران ڪم شروع ٿي ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب، ميٽرو سروس جو مقصد روڊن تان ٽريفڪ کي گهٽائڻ سميت تيز ۽ آرام ڏيندڙ سفري سهولت فراهم ڪرڻ آهي. ان کانسواءِ منصوبي کي شمسي توانائي سان به جوڙيو ويندو، ميٽرو سرو ۽ جي اسٽيشنز تي سولر پئنلز جو استعمال ڪيو ويندو ته جيئن منصوبي جي اهم ڪمن لاءِ ويهه سيڪڙو تائين بجلي پيدا ڪري سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔