ٽيڪس حدف ۾ ناڪامي: آءِ ايم ايف مني بجيٽ آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) مني بجيٽ آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ايف بي آر جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف ٽيڪس حدفن ۾ ناڪامي تي شارٽ فال پورو ڪرڻ جي لاءِ مني بجيٽ آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب ورچوئل ڳالهين جي دوران ايف بي آر جي ٽيڪس حدفن  تي نظرثاني جي درخواست به رد ڪئي وئي آهي. ايف بي آر جي ذريعن ٻڌايو آهي ته ٽيڪس شارٽ فال سبب ٻئي قسط ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو ۽ ايندڙ مهينن جي شارٽ فال جو اندازو لڳائي 500 ارب جو مني بجيٽ اچي سگهي ٿو.

آءِ ايم ايف پاران ايف بي آر جي رپورٽ رد ڪرڻ کان پوءِ ايف بي آر انفورسمينٽ لاءِ آرڊيننس به آڻي سگهجي ٿو. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف به چيئرمين ايف بي آر کان پرفارمنس رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ٽيڪس حدف حاصل ڪرڻ لاءِ ايف بي آر ۾ 4 بورڊ ميمبرن سميت 18 آفيسرن جي هيٺ مٿانهين ڪئي وئي آهي. مير بادشاهه کي ان لينڊ روينيو آپريشنز، طارق ارباب کي ليگل ميمبر جي عهدي تان هٽايو ويو آهي. ميمبر ان لينڊ روينيو پاليسي حامد عتيق سرور کي ميمبر ان لينڊ روينيو آپريشن بنايو ويو آهي.

ايف بي آر جي ذريعن ٻڌايو آهي ته مير بادشاهه خان کي هٽائڻ جي تياري راشد محمود لنگڙيال جي مقرري وقت ڪئي وئي هئي، حامد عتيق سرور جي جڳهه تي نجيب احمد ميمڻ کي ميمبر ان لينڊ روينيو جي پاليسي مقرر ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔