وزيراعظم شهباز شريف پاران قطرجي ڪاروباري اڳواڻن کي سيڙپڪاري جي دعوت

دوحا: وزيراعظم شهباز شريف سان شيخ فيصل بن قاسم الثاني جي سربراهي ۾ قطر جي واپاري ايسوسيئيشن(ڪي بي اي) جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ تعاون جي لاءِ نوان رستا  ڳولڻ تي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وفد ۾ قطر جون ڪاروباري شخصيتون ۽ معيشت جي بااثر شعبن جا نمائندا به شامل هئا. وفد ۾ المنا گروپ جو وائس چيئرمين ۽ سي اي او سعود بن عمر بن حمد المنا، منائي ڪارپوريشن جو ايگهزيڪٽو ڊائريڪٽر خالد احمدالمنائي، چيئرمين ايم آءِ اين اي ۽ ڊونچي بينڪ جو چيف ڪنٽري آفيسر صلاح محمد جيده، منصور جاسم الثاني گروپ جو چيئرمين شيخ منصور بن جاسم الثاني، بليو سيلون جو سي اي او جناب نبيل ابو عيسيٰ ۽ ڊائريڪٽر سينڊين گروپ يوسف ابراهيم المحمود شامل هئا

ملاقات ۾ واپار، سرمائيڪاري ۽ اقتصادي ڀائيواري کي مضبوط بنائڻ جي لاءِ گڏيل حدف جي نشاندهي تي زور ڏنو ويو. وزيراعظم شهباز شريف قطري ڪاروباري اڳواڻن کي پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جي باضابطه دعوت ڏني. وزيراعظم سرمائيڪاري جي لاءِ پرڪشش مقام جي حيثيت سان توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين اهم اقتصادي پراجيڪٽس جي شعبن ۾ سرمائيڪاري جي موقعي تي روشني وڌي.

وفد پاڪستان جي اقتصادي منظرنامي ۽ خاص طور تي توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي جي ايندڙ منصوبن ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات جي دوران پاڪ قطر اقتصادي لاڳاپن ۽ انهي حوالي سان وڌيڪ امڪاني تعاون جو جائزو ورتو جيڪو ٻنهي ملڪن ۾ روزگار جي تخليق، اختراعات ۽ پائيدار ترقي کي اڳيان وڌڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

ڪيو  بي اي وفد وزيراعظم جي دعوت جو مثبت جواب ڏنو ۽ پاڪستان جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پنهنجي سرمائيڪاري کي وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي ڏيکاري، وزيراعظم ۽ قطري وفد اقتصادي استحڪام ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ٻطرفي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔