اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪڏهن سپريم ڪورٽ جي هڪ لفظ لکڻ سان ڪيس 18، 18 سالن تائين هلندا آهن.سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ زميني تڪرار بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل استدعا ڪئي ته سپريم ڪورٽ لکت ۾ اسان کي لاڳاپيل فورم سان رجوع ڪرڻ جي هدايت ڪري. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيس گهڻو وقت هلي رهيو آهي، رجسٽرار آفيس جي اعتراضن خلاف اپيل جي ٻڌڻي ڪئي هئي ، وڪيل درخواست ڪئي ته سپريم ڪورٽ لاڳاپيل فورم جي هدايت جاري ڪري. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ڪڏهن سپريم ڪورٽ جي هڪ لفظ لکڻ سان 18، 18 سالن تائين ڪيس هلندا رهن ٿا. آرڊر ۾ ڪجهه به نه لکيو ويندو جنهن سان سول ڪورٽ ۾ ڪيس ٻيهر شروع ٿيندو.جسٽس شاهد بلال درخواستگذار جي وڪيل کي چيو ته هو سپريم ڪورٽ کي لکڻ کانسواءِ به لاڳاپيل فورم سان رجوع ڪري سگهن ٿا.سپريم ڪورٽ درخواستگذار جي لاڳاپيل فورم کي هدايتون جاري ڪرڻ جو حڪم درخواست رد ڪري ڇڏي.