پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2.4 سيڪڙو رڪارڊ

اسلام آباد: آءِ ايم ايف ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لُڪ رپورٽ 2024 جاري ڪري ڇڏي.آءِ ايم ايف جي آئوٽ لڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ مالي سال معاشي ترقي جي شرح 3 ڏهائي 2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گذريل مالي سال پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2 ڏهائي 4 سيڪڙو تائين رڪارڊ ڪئي وئي. ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لڪ رپروٽ مجب پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح گهٽجي 7 ڏهائي 5 سيڪڙو تي اچڻ جو امڪان آهي، گذريل مالي سال پاڪستان ۾ بيروزگاري 8 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هن سال مهانگائي جي سراسري شرح 9 ڏهائي 5 سيڪڙو رهندي، جڏهن ته گذريل مالي سال پاڪستان ۾ مهانگائي جي سراسري شرح 23 ڏهائي 4 سيڪڙو رهي. اڪنامڪ آئوٽ لڪ رپورٽ موجب هلندڙ سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڪاٽو 0 ڏهائي 9 سيڪڙو رهڻ جو ڪاٿو آهي، جڏهن ته گذريل مالي سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڪاٽو 0 ڏهائي 2 سيڪڙو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔