ڪورم پورو نه هجڻ سبب سينيٽ جو اجلاس بنا ڪارروائي جي ملتوي

اسلام آباد: سينيٽ جو اجلاس ڪورم پرو نه هجڻ سبب بنا ڪنهن ڪارروائي جي ملتوي ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب سينيٽ جو اجلاس جيئن ئي شروع ٿيو ته وفاقي وزيرن جي سينيٽ ۾ موجود نه هجڻ سبب انهي کي 20 منٽن جي لاءِ ملتوي ڪيو ويو

پيپلز پارٽي جي سينيٽر سليم  مانڊوي والا سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک ٿيو ته ڪوبه وفاقي وزير سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ موجود نه آهي.

مسلم ليگ(ن) جي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته سينيٽ سيڪريٽريٽ نوٽيس وٺي ته ڪوبه وزير اڃان تائين ايوان ۾ ڇو ناهي پهتو.

20  منٽن جي وقفي کان پوءِ اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سينيٽر احمد خان هائوس ۾ ڪورم پورو نه هجڻ جي نشاندهي ڪئي. سينيٽ ۾ ڪورم پورو نه هجڻ تي  اجلاس جمعي جي صبح 10 لڳي 30 منٽن تائين ملتوي ڪيو ويو.

ياد رهي ته سينيٽ سيڪريٽريٽ اڄوڪي اجلاس جو 4 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا جاري ڪيو هو. اجلاس ۾  آبي توانائي واري وزير کي انڊس واٽر ٽريني تي ٻيهر ڳالهين بابت ڌيان ڏياريو نوٽيس ايجنڊا ۾ شامل هو. جڏهن ته صدارتي خطاب تي تشڪر جي تحريڪ به ايجنڊا جو حصو هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔