آئيني ترميم جي حوالي سان اهم اڳڀرائي: (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي آئيني عدالت جي قيام کان هٿ کڻي ويون

اسلام آباد: آئيني ترميم جي حوالي سان اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي  آئيني عدالتن جي قيام کان هٿ کڻي ويون آهن

خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ خصوصي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 26هين آئيني ترميم جي مسودي تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ذريعن موجب حڪومتي اتحادي پارٽين ۽ جي يو آءِ ۾ آئيني عدالت جي قيام جي 26هين آئيني ترميم ڊراپ ڪرڻ ۽ آئيني بينچ جي جوڙجڪ تي اتفاق ٿي ويو آهي. حڪومت ۽ جي يو آءِ گڏيل مسودي تي پي ٽي آءِ سان مشاورت جو فيصلو ڪري ورتو آهي. مولانا فضل الرحمان حتمي مسودو پي ٽي آءِ قيادت سان شيئر ڪندو جڏهن ته مسودي جي تياري آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي

پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي جو اجلاس ختم ٿي ويو آهي جيڪو هاڻ سڀاڻي جمعي جي نماز کان پوءِ ٻيهر ٿيندو. ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته آئيني ترميم بابت اتفاق راءِ جي ويجهو پهچي چڪا آهيون. شيري رحمان چيو ته پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ جو مسودي تي اتفاق ٿي ويو آهي. اڄ پي ٽي آءِ مسودو ناهي ورتو اها اڄ شام جمعيت علماءِ اسلام سان گڏ ويهندي. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته اڄ سٺيون خبرون ٻڌڻ لاءِ ملنديون، ٿورو انتظار ڪريو.

عرفان صديقي چيو ته اتفاق راءِ جي ويجهو پهچي چڪا آهيون، بس هاڻ هڪ ڦوڪ ڏيڻ جي دير آهي جيڪا ڪميٽي ڏيندي. اڄ ڪميٽي ۾ تمام سٺيون ڳالهيون ٿيون. انهي مسودي تي مسلم ليگ سميت تقريبن سڀني جو اتفاق ٿي ويو آهي.

اڄوڪي اجلاس ۾ آئيني ترميم بابت خصوصي ڪميٽي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جبر ذريعي ايم اين ايز تي دٻاءُ وجهڻ ۽ انهن جي گهر ڀاتين جي اغوا جو معاملو اٿاريو. تحريڪ انصاف جي عمر ايوب ۽ بيرسٽر گوهر آئيني ترميم جي مخالفت ڪري ڇڏي، بيرسٽر گوهر چيو ته اسان جو مسودو تيار آهي تڏهن ڏينداسين جڏهن پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ٿيندي.

اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب ڪميٽي اجلاس کان ٻاهر اچي ويو جتي هن صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته مون ڪميٽي کي حقيقتون ٻڌايون آهن، زين قريشي جي گهر واري کي رات جو اغوا ڪيو ويو، رياض فتيانه جي پٽ کي به اغوا ڪيو ويو. اسان جي ايم اين ايز کي کنيو پيو وڃي، انهن جا ڪاروبار تباهه ٿي ويا. جي يو آءِ(ف) جي گروپ ميمبرن ۽ اختر مينگل جي ميمبرن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. مون قانون واري وزير کان پڇيو ته اهو سڀ ڪجهه اوهان ڪري رهيا آهيو؟ جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ايجنسيون ڪري رهيون آهن ته پوءِ ڇا ايجنسيون حڪومت جي ڪنٽرول ۾ نه آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔