جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان اڄ نواز شريف سان ملاقات ڪندو


جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان آئيني ترميمن واري مسودي تي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ نواز شريف سان ملاقات ڪندو، مولانا فضل الرحمان ڪراچي مان لاهور پهچي ويو، مولانا فضل الرحمان ميان نواز شريف سان ملاقات ڪري آئيني ترميمن بابت پيپلز پارٽي سان اتفاق ڪيل مسودي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، مولانا فضل الرحمان نواز شريف کانپوءِ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو، گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ پاران آئيني ترميم جي مسودي تي اتفاق راءِ ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔