قومي ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ انتظاميه ۾ تسلسل پيدا ڪيو وڃي: مڪي آرٿر

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جو چوڻ آهي ته حد کان وڌيڪ مشهوري رانديگرن کي حقيقت کان پري ڪري ٿي ۽ هو پاڻ کي پنهنجي حقيقي پوزيشن کان مٿانهون سمجهڻ لڳن ٿا

انگلينڊ خلاف شڪست کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي مڪي آرٿر نه رڳو رانديگرن جي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي پر ٽيم جي اعتماد ۽ ڪارڪردگي تي پوندڙ ناڪاري وارن عملن جو به ذڪر ڪيو

سندس چوڻ هو اِها ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته پاڪستاني ٽيم لاءِ کيڏڻ سڀ کان بهترين وقت هئڻ گهرجي، رانديگرن جي صلاحيتن کي صحيح نموني استعمال ڪرڻ لاءِ هڪ منظم ۽ پروفيشنل ماحول جي ضرورت آهي ته جيئن هو سمورو ڌيان پنهنجي ڪارڪردگي تي ڏئي سگهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔