لبنان تي اسرائيلي بمباري جاري ، 500 ڄڻا مارجي ويا

بيرورت: لبنان تي اسرائيلي هوائي حملا جاري آهن ۽ هن وقت تائين مارجي ويلن جو انگ 700 کان مٿي ٿي ويو آهي. سومر تي گهٽ ۾ گهٽ 492 ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ 35 ٻار به شامل هئا. لبنان جي صحت واري وزارت چيو هي ته هن وقت تائين ٿيل حملن ۾ سومر وارا حملا سڀ کان وڌيڪ موتمار هئا. اڪثر عرب رياستن حزب الله سان وڌندڙ دشمني لاءِ اسرائيل جي سخت مذمت ڪئي آهي، جيڪا تقريبن هڪ سال ۾ اڻ ڏٺي سطح تي وڌي وئي آهي.اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته هن حزب الله جي ويڙهاڪن جي ”وڏي تعداد“ کي ماري ڇڏيو آهي. ڏکڻ ۽ اوڀر لبنان ۾ تقريبن 1,600 جاين تي ٽارگيٽيڊ بمباري ڪئي وئي آهي. اسرائيلي فوج هن آپريشن کي ”آپريشن ناردرن ايروز “ جو نالو ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔