سموري ڪارونجهر کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ جو حڪم، سنڌ حڪومت جو فيصلو رد

مٺي/ ميرپورخاص: سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بئنچ ميرپورخاص ڪارونجهر جي رڳو 21 هزار ايڪڙ کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ بابت  فيصلي کي رد ڪندي سموري ڪارونجهر کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران ڪارونجھر جبل جي سموري رينج کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن جمع نھ ڪرائڻ بعد سيڪريٽري ثقافت کي ڏنل توھين عدالت جي نوٽيس کانپوءِ ثقافت کاتي جو سيڪريٽري خير محمد ڪلوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو. خير محمد ڪلوڙ پنهنجي صحيح سان جاري ڪيل ھڪ نوٽيفڪيشن جمع ڪرايو، نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ 21 ھزار ايڪڙن تي ٻڌل ڪارونجھر جي مکيھ باڊيءَ کي“ ثقافت، سياحت، اينٽڪ اينڊ آرڪائيو کاتي پاران محفوظ ورثو قرار ڏنو ويو آھي ۽ اھڙي منظوري سنڌ ڪابينا پڻ ڏئي چڪي آھي، ھاڻي ان محفوظ قرار ڏنل حصي مٿان يا ان جي ڀر ۾ ڪنھن بھ قسم جي اڏاوت يا ڪا ٻي سرگرمي غير قانوني عمل ھوندو، اھڙي نوٽيفڪيشن تي عدالت ۾ درخواست داخل ڪندڙ وڪيل شنڪر لال ميگھواڙ موقف اختيار ڪيو تھ ڪارونجھر جبل رڳو 21 ھزار ايڪڙن تي ٻڌل ناھي، اھو اٽڪل ڏيڍ لک ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آھي، عدالت ثقافت کاتي پاران پيش ڪارونجھر جبل جي رڳو 21 ھزار ايڪڙن کي محفوظ ورثو قرار واري فيصلي کي رد ڪندي حڪم ڏنو تھ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ڪارونجھر جبل جي سموري رينج کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا آھن، ان فيصلي کي برقرار رکجي ٿو، ٻڌڻي بعد وڪيل شنڪر لال ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ سنڌ ھائيڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد جي فيصلي جي روشني ۾ ھاڻي جيڪڏھن ڪارونجھر جبل جي سموري رينج اندر ڪٿي بھ ڪابه کوٽائي ٿي تھ ان عمل خلاف لاڳاپيل ادارا ڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائي ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔