وومين ٽيم دبئي پهچي وئي، سڀاڻي پريڪٽس رٿيل

دبئي : پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ دبئي پهچي وئي.ڪپتان فاطمه ثناءَ جي اڳواڻي ۾ وومين ڪرڪيٽ ٽيم دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان هوٽل پهتي.پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم اڄ آرام ڪندي، وومين ڪرڪيٽ ٽيم سڀاڻي کان پريڪٽس شروع ڪندي.وومين ڪرڪيٽ ٽيم پهرين وارم اپ ميچ 28 سيپٽمبر تي اسڪاٽ لينڊ خلاف کيڏندي، ٽيم ٻي وارم اپ ميچ 30 سيپٽمبر تي بنگلاديش خلاف کيڏندي.پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پنهنجي افتتاحي ميچ خميس 3 آڪٽوبر تي سريلنڪا خلاف کيڏندي.ٻئين ميچ ۾ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم آچر 6 آڪٽوبر تي روايتي حریف ڀارت سان مقابلو ڪندي.پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم ٽين ميچ 11 آڪٽوبر جمعي تي آسٽريليا ۽ چوٿين ميچ 14 آڪٽوبر تي نيوزيلينڊ خلاف کيڏندي.آءِ سي سي وومين ڪرڪيٽ ٽيم ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ آفيشل گانا جاري ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔