ٽربيونل تبديلي ڪيس، پي ٽي آءِ کي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن اليڪشن ٽربيونل جي تبديلي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي تحريڪ انصاف جي وڪيلن کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ اڱاري تائين مهلت ڏئي ڇڏي.چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن ۾ اليڪشن ٽربيونل جي تبديلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران درخواستگذارن جا وڪيل اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيلن ۽ مسلم ليگ ن جي ميمبر انجم عقيل جي وڪيل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي.چيف اليڪشن ڪمشنر پي ٽي آءِ جي وڪيلن جي ٻن هفتن جي مهلت واري درخواست رد ڪندي کين جواب جمع ڪرائڻ لاءِ اڱاري تائين مهلت ڏئي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔