جيل ۾ ويهي نفرت جا بيان اڳيان وڌائيندڙ ڪير آهي، قوم چڱي ريت سمجهي رهي آهي: ڪامران ٽيسوري

ڪراچي: پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 76هين ورسي جي موقعي تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قائداعظم جي مزار تي حاضري ڏني ۽ فاتحه خواني ڪئي.

قائداعظم جي مزار تي حاضري دوران سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير مهمانن جي ڪتاب ۾ عظيم اڳواڻ جي لاءِ پنهنجا تاثرات لکيا. انهي موقعي تي ٻنهي اڳواڻن موجوده صورتحال ۾ قائداعظم جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڏني

صحافين سان ڳالهيون ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو ته 9 مئي جهڙن واقعن تي شرمنده آهيون مون تاثرات ۾ لکيو آهي ته  اسان اوهان کان شرمنده آهيون انهي لاءِ ته 9 مئي جهڙا واقعا ٿيا آهن.

سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته قوم سمجهي ٿي رهي آهي ته ڪير معيشت کي اڳيان وڌائي رهيو آهي ۽ ڪير جيل ۾ ويهي نفرت جي بيانن کي  اڳيان وڌائي رهيو آهي.

هن چيو ته جتي دشمن نفرتن جا بيان پکيڙي رهيو آهي اتي اسان گڏ ٿي دشمن کي اهو بيان ڏئي رهيا آهيون ته اسان هڪ آهيون پاڪستان يمعيشت کي اڳيان وڌائڻ جي ڪوشش ڪنداسين ٻاهرين طاقتن جا بيان وڪامي رهيا آهن ۽ هتان جا خريدار انهي کي خريد ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔