آءِ ايم ايف بورڊ اجلاس ڪئلينڊر جاري، پاڪستان جو نالو غائب

اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي هڪ ٻئي اجلاس جو ڪئلينڊر جاري ڪيو ويو آهي، ان نئين ڪيلينڊر ۾ پاڪستان به شامل ناهي. عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاسن جو ڪئلينڊر 18 سيپٽمبر تائين جاري ڪيو ويو، 18 سيپٽمبر تي، ايگزيڪيوٽو بورڊ سورنام جي 7 هين جائزي جي منظوري ڏيندو. ان کان اڳ بورڊ جي 9 ۽ 13 سيپٽمبر تي ٿيندڙ اجلاسن جو ڪئلينڊر جاري ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پاڪستان اڃا تائين پرڏيهي فنانسنگ گيپ کي پورو ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. پاڪستان کي پيشگي شرطن تي پورو لهڻ کانپوءِ ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي، پاڪستان 2 ارب ڊالرن جي پرڏيهي فنانسنگ گيپ کي منهن ڏئي رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان 1.75 بلين ڊالر جي ڪمرشل قرض لاءِ درخواست ڏني آهي، پاڪستان اسلامڪ ٽريڊ فنانس ڪارپوريشن کان 400 ملين ڊالر جي قرض لاءِ درخواست ڏني آهي. پاڪستان اسلامي ترقياتي بئنڪ کان 350 ملين ڊالرن جي قرض جي به درخواست ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔