هنٽر بائيڊن پاران ٽيڪس چوري ڪيس ۾ ڏوهه قبول

واشنگٽن : آمريڪي صدر جو بائيڊن جي پٽ هنٽر بائيڊن ٽيڪس چوري جو ڏوهه قبول ڪري ورتو.آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هنٽر بائيڊن کي 17 سال قيد ۽ 1 ملين ڊالر ڏنڊ ٿي سگهي ٿو.ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي صدر جي پٽ خلاف ڪيس جو فيصلو 16 ڊسمبر تي ٻڌايو ويندو.نيوز ايجنسي موجب هنٽر بائيڊن تي 1.4 ملين ڊالر ٽيڪس ادا نه ڪرڻ جو الزام هو.خابرو اداري موجب هنٽر بائيڊن جي اعترافي بيان جو مقصد پنهنجي خاندان کي وڌيڪ شرمندگيءَ کان بچائڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔