حڪومت پاران نئين برآمدي حڪمت عملي جوڙڻ جو فيصلو

لاهور: حڪومت ايڪسپورٽرز لاءِ پرڏيهه مان حاصل ڪيل سرمائي کي پاڪستان آڻڻ لازمي قرار ڏيڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.واپار واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته کاڌي پيتي جي شين جي برآمد تي نظر رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته ميون، گوشت، پولٽري، کنڊ ۽ چانورن جي ايڪسپورٽ پاليسي کي به سخت ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.واپار واري وزارت جي ذريعن موجب سامان کوٽ جي نالي تي اگهه وڌائڻ لاءِ ٻاهر موڪليو ويندو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سمگلنگ روڪڻ سان هڪ سال دوران مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي، سرحدن تي سختي جي به تجويز ڏني وئي آهي جڏهن ته ايڪسپورٽرن کي پابند ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ته هو مستقبل ۾ پرڏيهه مان حاصل ڪيل سرمايو پاڪستان آڻين.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سمورن قدمن جي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔