سنڌ ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي : چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز پاران ڪراچي ۾ چار سٽيمبر برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي سردار سرفراز چيو ته طوفان اسنيٰ جي اڳڪٿي نه ڪئي هئي، طوفان ڪنهن به سمنڊ ڪناري تي نه پهتو پر سمنڊ ۾ ئي ختم ٿي ويو.
هن چيو ته چوماسي ڊيپ ڊپريشن سبب سٺا مِينهن وسيا، برساتن جي نئين سسٽم جي اثر هيٺ اڄ شام کان پنجاب ۾ برسات ٿي سگهي ٿي جڏهن ته راولپنڊي ۾ اڄ منجهند يا شام جي وقت ۾ برسات جو امڪان آهي.
سردار سرفراز جو چوڻ هو ته ڊيپ ڊپريشن تحت ڪراچي ۾ سرجاڻي ٽائون ۾ 224 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته شهر ۾ چار سپٽيمبر تي هلڪي ۽ تيز وسڪاري جو امڪان آهي.
چيف ميٽرولاجسٽ موجب، ٽي کان چار سپٽيمبر تائين ٿرپارڪر، حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ست سپٽيمبر کانپوءِ گرميءَ جي شدت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔