حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ ٺاهيل ڪميٽي وزيراعظم کي هڪ لک 50 هزار نوڪريون ختم ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

اسلام آباد: حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ ٺاهيل ڪميٽي وزيراعظم کي هڪ لک 50 هزار نوڪريون ختم ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ اسان جي ترجيح آهي، حڪومت جي اصلاحات جو مقصد قومي ناڻي تي بار گهٽ ڪرڻ ۽ عوام کي فراهم ڪيل سروسز ۾ بهتري آڻڻ آهي. هن هدايت ڪئي ته اهڙا ادارا جنهن پبلڪ سروس جي حوالي سان ڪابه خاطر خواهه ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري ۽ قومي ناڻي تي بار آهن انهن کي يا ته ختم ڪيو وڃي يا پوءِ انهن جي فوري نجڪاري جي لاءِ قدم کنيا وڃن.

وزيراعظم چيو ته ننڍي ۽ وچولي طبقي جي ڪاروباري ماڻهن جي حوصله افزائي ڪندڙ ادارا اسمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز ڊوالپمينٽ اٿارٽي جي پاڻ نگراني ڪندس، هن سميڊا کي وزيراعظم آفيس جي تحت آڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت جي رائيٽ سائزنگ جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ٺاهيل ڪميٽي تجويزون پيش ڪيون. ڪميٽي هڪ لک پنجاهه هزار نوڪريون ختم ڪرڻ، نان ڪور سروسز ۽ عام نوعيت جي ڪمن مثال طور صفائي ۽ جينينورٽل سروس کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي سفارش ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ گريڊ 1 کان 16 تائين جون ڪيتريون ئي نوڪريون ختم ڪري سگهبيون.

ڪميٽي هنگامي بنيادن تي ڀرتين تي مڪمل پابندي لڳائڻ ۽ وزارتن جي ڪيش بيلنس تي ناڻي واري وزارت جي نگراني جي به سفارش ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔