حڪومت پاران آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد : آرمي چيف جنرل عاصم منير آئين موجب 64 سالن تائين پنهنجي عهدي تي رهي سگهي ٿو، سندس مدي ۾ واڌ بابت هاڻي کان ئي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن. پي ٽي آءِ آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جي حمايت لاءِ تياري ڪري رهي آهي. ان لاءِ پي ٽي آءِ مٿس تنقيد بند ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب به بيان ڏنو آهي ته ان ڳالهه جو فيصلو وقت اچڻ تي ڪيو ويندو. موجوده حالتن مان لڳي رهيو آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير کي مدي ۾ واڌ ملي ويندي  پر سوال اهو آهي ته هو مدي ۾ واڌ گهرندو؟ پر لڳي ٿو ته هو گهرندو نه پر سندس مدو وڌايو ويندو. حڪومت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ کي به اهڙي آڇ ڪري چڪي آهي. حڪومت ان لاءِ قانون ۾ ترميم ڪري ڪامورن جي نوڪري جي مدي ۾ 2 سال واڌ ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي، جنهن سان پاڻ ئي سندس مدو وڌي ويندو. ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ وڏين تبديلين جو امڪان آهي. موجوده اسٽيبلشمنٽ عمران خان سان ڊيل ڪري کيس ٻاهر وڃڻ نه ڏيندي. ڇو ته عمران خان ٻاهر ويهي ماڻهن جو طوفان گڏ ڪري حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ لاءِ مسئلا پئدا ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن عمران خان کي جلاوطن ڪرڻ جي آڇ ڪئي ويندي ته هو ٻاهر هليو ويندو. باقي جيڪڏهن عوام جي طاقت اسٽيبلشمنٽ کي مجبور ڪري ته پوءِ اها عمران خان کي آزاد ڪري سگهي ٿي،جڏهن ته ن ليگ ،اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ٽي آءِ جي جهيڙي ۾ پ پ آرام سان ڪنڊ وٺي ويٺل آهي،پ پ مستقبل ۾ پنهنجي لاءِ رستو بڻائي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔