وزيراعظم شهباز شريف جي طبيعت خراب، ايران جي دوري سميت ٻيون مصروفيتون ملتوي

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف طبيعت خراب هجڻ سبب ايران جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، ڊاڪٽرن طرفان مڪمل آرام جو مشورو ڏيڻ کان پوءِ وزيراعظم پنهنجون سموريون مصروفيتون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن.

طبيعت خراب هجڻ سبب شهباز شريف ايران جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو. وزيراعظم کي نئين چونڊيل ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پيزشڪيان جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ ايران وڃڻو هو.

وزيراعظم طرفان ايران جو دورو ملتوي ڪرڻ کان پوءِ هاڻ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار وفد سان گڏ اڄ ايران ويندو. اسحاق ڊار جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني وفد ايراني صدر مسعود پيزشڪيان جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔