بشريٰ بي بي جي ايڇ ڪيو حملي سميت 9 مئي جي 11 ڪيسن ۾ جوابدار طور نامزد

راولپنڊي پوليس بشريٰ بي بي کي جي ايڇ ڪيو حملي سميت 9 مئي جي 11 ڪيسن ۾ جوابدار نامزد ڪري ڇڏيو

 بشريٰ بي بي خلاف راولپنڊي ۾ داخل 11 ڪيسن جا تفصيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش، سي سي پي او راولپنڊي رپورٽ به عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، اسلام آباد پوليس به عدالتي حڪم تي پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

 نيب پراسيڪيوٽر عدالتي حڪم تي جمع ڪرايل جواب ۾ ڄاڻايو ته بشريٰ بي بي خلاف نيب ۾ 4 ڪيس داخل آهن، جن مان 3 راولپنڊي ۽ هڪ لاهور ۾ داخل آهي

 عدالت ايف آءِ اي ۽ بلوچستان پوليس کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، سومر تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ باني 9 مئي جي 12 ڪيسن ۾ ضمانت لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت سان رابطو ڪري ورتو، پي ٽي آءِ باني وڪيل سلمان صفدر ذريعي لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ درخواستون داخل ڪرائي ڇڏيون

 درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني سمورن ڪيسن ۾ جوڊيشل ريمانڊ تي آهي، کانئس ڪا به ريڪوري ناهي ٿي، اسان کي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، سڀئي ڪيس بدنيتي تي ٻڌل آهن، گرفتاري کانپوءِ ضمانت واريون درخواستون منظور ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔