عدالتي فيصلي تي حيرت آهي، ججز ملڪ کي هلڻ ڏين، فيصلا ضمير نه آئين موجب ٿيڻ گهرجن: مريم نواز

لاهور: پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جنهن کي واپس آڻڻ چاهيو ٿا اهو قوم جو ڏوهاري آهي، اهي ڪهڙا ماڻهو آهن جن کي ملڪ جي ترقي سٺي نه پئي لڳي.

لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته حڪومت پنج سال پورا ڪندي، ڪنهن به رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهي کي سختي سان منهن ڏنو ويندو اهي ڪير آهن جن کي ترقي سٺي نه پئي لڳي، آئين کي ري رائٽ ڪيو پيو وڃي

مريم نواز چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي حيرت آهي هنن اهو فيصلو ڏئي ڇڏيو جيڪو هنن گهريو به نه هو. چيو پيو وڃي ته 15 ڏينهن ۾ تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪريو، اوهان جنهن کي واپس آڻڻ چاهيو ٿا اهو قوم جو ڏوهاري آهي

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته آءِ ايم ايف کي واپس آڻڻ وارو اهوئي آهي جيڪو اڊيالا جيل ۾ پنهنجن ڪيل عملن جي سزا ڀوڳي رهيو آهي. ڇا ان وقت ڪنهن به نه ڏٺو هن ملڪ کي باهه ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملو ڪيو. عدالت کي اهو سڀ ڇو نظر نه پيو اچي. هڪ حڪومت ملڪ کي مستحڪم ڪري رهي آهي ته ان کي هلڻ ڏيو عوام پنهنجون اکيون ۽ ڪن کولي رکي، هاڻ وڌيڪ برداشت نه ڪنداسين ۽ نه ڪرڻ گهرجي.

مريم نواز چيو ته هڪ شخص کي آڻڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ جي ججن آئين کي ري رائٽ ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ جي ججن کي چوڻ چاهيان ٿي ته خدا کي مڃو ملڪ کي هلڻ ڏيو.

هن چيو ته هن وقت ضمير موجب فيصلا ڪيا پيا وڃن، پر فيصلا ضمير موجب نه آئين موجب ٿيڻ گهرجن. اوهان پنهنجو ضمير وڪرو ڪيو آهي ته اسان ڇا ڪريون، پي ٽي آءِ کي اهو رليف ڏنو ويو جيڪو انهن گهريو ئي نه هو. ڪنهن به سياسي عدم استحڪام آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهي کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.

پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته هڪ دفعو مهانگائي ٿي ويندي آهي ته ان کي واپس آڻڻ مشڪل ڪم آهي، شهباز شريف مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ مشڪل فيصلا ڪري رهيو آهي. اسان کي ترقي ڪندڙ پاڪستان نه مليو. اسان کي بحران طرف ويندڙ پاڪستان مليو هو، جيڪو ڪجهه به اسان ڪري سگهياسين ٿي اهو ڪري رهيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين. پاڪستان جي تاريخ جو سڀني کان وڏو سولر منصوبو پنجاب ۾ آڻي رهيا آهيون. 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي مفت سولر ڏينداسين. قومي سان واعدو ڪريان ٿي ته جيستائين عهدن تي آهيون ملڪ جي خدمت ڪندا رهنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔