ڪرڪيٽ ميچ دوران جهيڙو، ڏنڊن، سرن ۽ هٿيارن جو استعمال، ڪيترائي زخمي، ڪيس داخل

پتوڪي : پتوڪي ويجهو ڳوٺ 22 چڪ رڪن پورا ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران جهيڙي تي 16 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
رڪن پورا ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران ٻه گروپ پاڻ ۾ وڙهي پيا، جهيڙي دوران ڏنڊن، سرن ۽ هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو جنهن نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس محمد فاروق نالي شهري جي فرياد ۾ 6 نامزد ۽ 10 اڻڄاتل جوابدرن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
ايف آءِ آر جي متن موجب، فريادي چيو ته ميچ دوران جوابدارن سندس پٽن ۽ دوستن کي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن کانپوءِ جوابدار ڀت ٽپي منهنجي گهر ۾ گهڙي آيا ۽ ڪهاڙي جي وار سان منهنجي ڀاءَ کي سخت زخمي ڪري وڌو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔