شاهين شاهه عمري جي سعادت حاصل ڪري ورتي

مڪو شريف : قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر ۽ ٽي 20 فارميٽ جي اڳوڻي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي هڪ ڀيرو ٻيهر عمري جي سعادت حاصل ڪري ورتي آهي.قومي ٽيم جي بالر شاهين شاهه آفريدي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي پنهنجي نئين تصوير شيئر ڪئي آهي.هن تصوير ۾ ڪرڪيٽر کي حرم شريف ۾ ڪعبي جي ويجهو بيٺو ڏسي سگهجي ٿو.هن تصوير جي ڪيپشن ۾ شاهين آفريدي پنهنجي جذبات جو اظهار ڪندي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو ۽ لکيو ته الحمدلله! ڪعبي جي رونق، ڪعبي جو ڏيک، الله اڪبر، الله اڪبر.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔