ويسٽ انڊيز نيوزي لينڊ کي 13 رنسن تان هارائي ڇڏيو

ٽرينيڊاڊ : آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 26هين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز نيوزيلينڊ کي 13 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.گروپ سي جي ٻن ٽيمن وچ ۾ ميچ ٽرينيڊاڊ جي برائن لارا اسٽيڊيم ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.ويسٽ انڊيز مقرر 20 اوورن ۾ 9 رانديگرن جي نقصان تي 149 رنسون ٺاهيون ۽ نيوزيلينڊ کي ميچ کٽڻ لاءِ 150 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.
پهرين اننگز
نيوزيلينڊ خلاف شرفين رترفورڊ 6 ڇڪن ۽ 2 چوڪن جي مدد سان 39 بالن تي 68 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.نڪولس پران 17، عقيل حسين 15، آندري رسل 14 ۽ روماريو شيفرڊ 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ته ٻيو ڪو به رانديگر ڊبل فگر ۾ داخل نه ٿي سگهيو.نيوزيلينڊ جي ٽرينٽ بولٽ ويسٽ انڊيز خلاف پنهنجي 4 اوور جي اسپيل ۾ هڪ ميڊن اوور ۾ 17 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون.ٽم سائوٿ 2، لوڪي فرگوسن 2، جيمز نيشام ۽ مچل سينٽنر هڪ-1 وڪيٽ ورتي.
ٻي اننگز
ويسٽ انڊيز جي 150 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 136 رنسون ئي ٺاهي سگهي.بيٽسمين گلين فلپس 33 بالن تي 40، فن ايلن 26 ۽ مچل سينٽنر 21 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.ويسٽ انڊيز طرفان الزاري جوزف 4 اوورن ۾ 19 رنسون ڏئي 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، گدڪيش موتي 4 اوورن ۾ 25 رنسون ڏئي ڪري 3 رانديگر پويلين موٽيا.عقيل حسين 21 رنسون ڏئي هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.واضح رهي ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي گڏيل ميزبان ٽيم ويسٽ انڊيز گروپ سي ۾ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي سڌو سنئون سپر 8 اسٽيج لاءِ ڪواليفائي ڪري سگهي ٿي.ان کان اڳ ويسٽ انڊيز پاپوا نيو گني ۽ يوگنڊا خلاف ميچون کٽيون هيون.ٻئي طرف نيوزيلينڊ جي ٽيم افغانستان هٿان شڪست کائڻ کانپوءِ هاڻي ٽورنامينٽ ۾ پنهنجو سفر جاري رکڻ لاءِ ويسٽ انڊيز خلاف فتح جي ڳولا ۾ آهي.ياد رهي ته ويسٽ انڊيز جي ليجنڊ ڪرڪيٽر برائن لارا جي نالي سان منسوب هن اسٽيڊيم ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ڪا به ميچ کيڏي ويندي آهي.ک

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔