مانڊوي والا ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو

اسلام آباد : سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبرن سينيٽر سليم مانڊوي والا کي فنانس ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو. پي ٽي آءِ ميمبرن شبلي فراز ۽ محسن عزيز سليم مانڊوي والا خلاف ووٽنگ جو بائيڪاٽ ڪيو.حڪومتي ميمبرن سينيٽر سليم مانڊوي والا کي چونڊيو، سليم مانڊوي والا چيو ته گذريل ڀيري سينيٽ جي فنانس ڪميٽي ۾ اليڪشن ٿي هئي.هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ کي ووٽنگ ۾ حصو وٺڻ جي درخواست ڪئي وئي، ڪميٽي هميشه اتفاق راءِ سان هلندي آهي، ڪڏهن به پارٽي بنيادن تي ڪميٽي نه هلائي وئي.سينيٽر شيري رحمان سينيٽر سليم مانڊوي والا کي چيئرمين ڪميٽي جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو، هن چيو ته مان اپوزيشن کي چوان ٿو ته هو پنهنجي ڪميٽي جي احتجاج جي فيصلي تي نظرثاني ڪري.شيري رحمان چيو ته اهڙو ڪو قانون ناهي ته ڪهڙي ڪميٽي ڪنهن وٽ هجي، اپوزيشن کي ڊڪٽيشن نه ڏيڻ گهرجي، اپوزيشن سمجهي ٿي ته خزاني واري بئنچ جي سينيٽر جو احتساب نٿو ٿي سگهي.شيري رحمان موجب حڪومتي بينچن جي سينيٽر ان کان اڳ به فنانس ڪميٽي جو چيئرمين رهي چڪو آهي، هن چيو ته اها هڪ اهم ۽ حساس ڪميٽي آهي جنهن ۾ مخالف ڌر کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.پ پ سينيٽر چيو ته ان حوالي سان سينيٽ سيڪريٽريٽ کي نشانو نه بڻايو وڃي، مخالف ڌر احتجاج ڪرڻ بدران ڪميٽين ۾ فعال پارلياماني ڪردار ادا ڪري.شيري رحمان چيو ته بجيٽ لاءِ فنانس ۽ پلاننگ ڪميٽين جو قيام ضروري آهي، هن وقت پاڪستان کي اقتصادي راهداري جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔